تعليم الاسلام 2

تعليم الاسلام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب برصغير جي مشهور عالم حضرت مولانا مفتي ڪفايت الله دهلويءَ جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو پروفيسر عبدالرحمٰن جتوئي ۽ ڊاڪٽر گلزار احمد سومري ’عبدوي‘ ڪيو آهي، هيءُ ڪتاب چئن حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ سوالن ۽ جوابن ذريعي شرعي، ديني ۽ فقهي مسئلا سمجھايا ويا آهن. ڪتاب نهايت لاڀائتو آهي، جنهن جو ترجمو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿيو آهي ۽ سنڌي ۾ به هن ڪتاب جا چار- پنج ترجما ٿيا آهن. هيءُ ترجمو معياري ۽ عام فهم آهي. 216 صفحن تي مشتمل، پلاسٽڪ ليمينيشن ڪور سان، رنگين ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 35 روپيا آهي. جيڪو سال 2002ع ۾ ’منظور بوڪ اسٽور شڪارپور‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو